سرمست 14

سرمست 14

سرمست 14

سرمست 14: ’سرمست‘ جي چوڏهين ڪڙيءَ جو مرتب محمد علي حداد آهي. هن ۾ 12 مقالا ڏنا ويا آهن: (1) ماضيءَ جا صوفي مفڪر، اڄ جا دانشور (حميد سنڌي)، (2) تصوف ۽ رواداري (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)، (3) سچل سرمست جي شاعريءَ ۾ مستيءَ جو مفهوم (ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)، (4) سچل جي عڪسي شاعري (ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو)، (5) عشق جي منزل (ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر)، (6) سٽ پريت دي (خادم عباسي)، (7) درگاهه ڀرچونڊي شريف جي بياض ۾ سچل سرمست جو ڪلام (محـمـد پنهـل ڏهـر)، (8) سچـل سـائيـنءَ جا فڪري لاڙا (امام راشـدي)، (9) سچل جي شاعريءَ ۾ جيتن، جانورن ۽ پکين جو ذڪر (ملڪ نديم)، (10) سچل سرمست دانشورن جي نظر ۾ (نصرت حسين ابڙو، (11) سخي قبول محمد ٻئي جي سلسلي جا شاعر (ڊاڪٽر نواز علـي شـوق) ۽ (12) سچل سرمست تي ببليو گرافي (محمد علي حداد).
ڊيمي سائيز ۾ 156 صفحن تي مشتمل هي ڪتابي سلسلو 1994ع ۾ شايع ٿيو ۽ ان جي قيمت 40 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو